بلوچستان ۾ دهشتگردن جو حملو ناڪام، مقابلي ۾ 2 جوان شهيد، هڪ زخمي

بلوچستان ۾ دهشتگردن جو حملو ناڪام، مقابلي ۾ 2 جوان شهيد، هڪ زخمي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج 13 ۽ 14 آگسٽ جي وچ ۾ بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي کي ڪاميابي سان ناڪام بڻائي ڇڏيو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب 13 ۽ 14 آگسٽ جي وچ واري رات دهشتگردن خوست جي علائقي هرنائي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي حملي کي ڪاميابي سان ناڪام بڻايو ويو، فرار ٿيندڙ دهشتگردن کي ويجهن جبلن ۾ نشانو بڻايو ويو.پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز 75 هين يوم آزادي جي موقعي تي قوم سان گڏ بيٺل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو