بلوچستان ۾ برساتن ۽ برفباري تباهي مچائي ڇڏي، 15 ڄڻا فوت

بلوچستان ۾ برساتن ۽ برفباري تباهي مچائي ڇڏي، 15 ڄڻا فوت

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ 2 ڏينهن کان جاري برف باري ۽ برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن دوران حادثن ۾ 15 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. بلوچستان جي مٿانهن علائقن ۾ 3 کان 4 فوٽ تائين برف پئي آهي، شديد برف باري سان زيارت، مستونگ، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله، هرنائي ۽ بولان جا ڪيترائي روڊ رستا بند ٿي ويا آهن. پاڪستان ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي رپورٽ موجب مختلف حادثن ۾ قعلعه عبدالله ۾ 6، زوب ۾ 6 جڏهن ته پشين ۾ 3 ماڻهو فوت ٿيا آهن. ٻئي طرف ڪوئيٽا ۾ برف باري ۽ موسم جي صورتحال خراب هجڻ ڪري اندرون ملڪ کان ڪوئيٽا ايندڙ ويندڙ اڏامون معطل ڪيون ويون برفباري سبب 10 کان وڌيڪ فيڊر بند ٿيڻ ڪري ڪيترائي علائقا اونداهي ۾ ٻڏل رهيا ۽ صوبائي حڪومت طرفان 7 ضلعن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ان کان علاوهه مڪران جي علائقن تمپ، مند، زعمران ۽ بليده سميت بارش سبب ندي نالا ڀرجي ويا آهن ۽ برسات جو پاڻي گهرن ۽ فصلن کي نقصان پهچائڻ سان گڏ زميني رابطا پڻ ڪٽجي ويا آهن. بلوچستان جي صورتحال تي وزيراعليٰ ڄام ڪمال خان جو چوڻ هو ته روڊ رستا کولرائڻ ۽ عوام کي هر ممڪن امداد پهچائڻ لاءِ حڪومت مڪمل سهڪار ڪري رهي آهي جڏهن ته بارشن سبب صوبي جي ٽن ضلعن هرنائي، سبي ۽ مستونگ ۾ پوليو مهم ملتوي ڪئي وئي آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو