بلوچستان ۾ بدامني سبب سيپيڪ سرگرميون ڪراچي منتقل

بلوچستان ۾ بدامني سبب سيپيڪ سرگرميون ڪراچي منتقل

ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار) بلوچستان ۾ شدت پسند ڪاروائين ۾ اضافي، پاڻي جي گهربل مقدار ۾ عدم فراهمي ۽ روڊ رستن جي تعمير جي تڪميل ۾ دير سبب سيپيڪ جون سرگرميون گوادر کان ڪراچي منتقل ڪيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيپيڪ جي گهڻي ڀاڱي سيڙپڪاري پڻ ڪراچي منتقل ڪئي وئي آهي. في الحال بن قاسم ۽ ڪي پي ٽي جون بندرگاهون استعمال ڪيون وينديون. جيئن جيئن بلوچستان ۾ صورتحال بهتر ٿيندي ۽ سهولتون ميسر ٿينديون آهستي آهستي سيپيڪ سرگرميون به مرحلي وار گوادر پورٽ منتقل ٿينديون.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌاٻيجي ۾ 1500 ايڪڙن تي ٺهندڙ اڪنامڪ زون بابت غير ضروري قانوني ڪارواين بابت عدليا جي مدد سان جلد ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو