ڪيچ (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۽ چاغي ۾ ٻن ٽريفڪ حادثن ۾ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا.ڊپٽي ڪمشنر ڪيچ حسين جان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تربت جي علائقي سمي ۾ ايم 8 هاءِ وي تي ڪار جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 موٽرسائيڪل سوار ۽ 5 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا. حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي مقامي اسپتال پهچايو ويو، جتي سندن سڃاڻپ عنايت الله، نعمان ۽ مهرجان جي نالن سان ٿي. فوتين ۾ سائره امبر، نذير ۽ سرور شامل آهن، حادثي ۾ فوت ٿيل ٻن موٽرسائيڪل سوارن جو تعلق خضدار جي علائقي نال سان آهي ۽ ڪار سوارن جو تعلق پنجگور جي علائقي تاسپ سان آهي. ٻيو ٽريفڪ حادثو چاغي ضلعي جي علائقي نوڪندي ۾ پيش آيو، جتي آئل پک اپ ٻي پڪ اپ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا.










