ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي مڇ ۾ نامعلوم هٿياربندن يارنهن مزدورن کي اغوا بعد فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.بلوچستان جي ضلعي بولان جي تعلقي مڇ جي علائقي گشتري ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ رات دوران نامعلوم ماڻهن ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي اغوا ڪري پهريان انهن کي پهاڙن تي وٺي ويا ۽ پوءِ انهن مٿان فائرنگ ڪري ڏني. واقعي کان پوءِ هٿياربند نامعلوم هنڌ فرار ٿي ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس انتظاميه ۽ سيڪيورٽي فورس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي.واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ يارنهن مزدور فوت ٿي ويا آهن لاشن کي مڇ جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر بولان مراد ڪاسي جو چوڻ اهي ته واقعي ۾ 4 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن جنهن جو علاج جاري آهي. پورهيتن جا مڙهه مڇ آڻڻ جي لاءِ ايمبولينسون ڪوئٽه کان روانيون ٿي ويون آهن.هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال مڇ ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪئي ۽ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته جوابدارن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. دهشتگردن جي خلاف وڌيڪ گهيرو تنگ ڪيو پيو وڃي.










