بلوچستان کان آيل برساتي ٻوڏ تمام وڏي تباهي آندي: نادر مگسي

بلوچستان کان آيل برساتي ٻوڏ تمام وڏي تباهي آندي: نادر مگسي

شهدادڪوٽ( ن سنڌيار) پيپلز پارٽي جي ايم پي اي مير نادر مگسي چيو آهي ته بلوچستان کان آيل برساتي ٻوڏ جي وهڪرن ۽ برسات قمبر شهدادڪوٽ سميت دادو ضلعي ۾ تمام وڏي تباهي آندي آهي جنهن جي مستقبل ۾ روڪڻ لاء وفاقي حڪومت کي گڏيل منصوبابندي ڪري منصوبن تي ڪم شروع ڪرائڻو پوندو. شهدادڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مير نادر مگسي چيو ته بلوچستان جي علائقي جهل مگسي کان ويندي قمبر شهدادڪوٽ ۽ دادو ضلعي جي منڇر ڌنڌ تائين 15 کان 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي گنجائش رکندڙ فلڊ ڊرين، 25 فٽ مٿي ۽ 40 فٽ ويڪرو فلڊ پروٽيڪشن بند ( ايف پي بند ) جي نئين سر تعمير ڪرائڻي پوندي ۽ ان سان گڏ ٻنهي ضلعن جي تمام وڏن شهرن کي ٻوڏ کان بچاء جي لاء الڳ الڳ حفاظتي بند تعمير ڪرائڻ پوندا ته جيئن شهرن جي ٻڏڻ جو خطرو گهٽ کان گهٽ ٿي سگهي. مير نادر مگسي وڌيڪ چيو ته انڊس هائي وي سميت ٻنهي ضلعن جي تمام روڊن رستن ۾ وڏيون، وڏيون پليون تعمير ڪرايون وڃن ته ٻوڏ جي پاڻي کي رستي ڏيڻ لاء روڊن کي ڪٽ نه هنيا وڃن. اهي سڀ تجويزون سنڌ حڪومت ذريعي وفاق اڳيان پيش ڪيون وينديون هن وڌيڪ چيو ته متاثر علائقن ۾ گڏيل منصوبابندي لاء پاڪ فوج به اهم اڳ ڀرائي ڪئي آهي جنهن کي به ڏٺو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو