نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)ڀرياسٽي ويجهو قومي شاهراهه تي سخت زخمي حالت ۾ موٽر وي پوليس کي مليل بلو چستان واسي مال جو واپاري ڀريا سٽي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. ڀريا سٽي ويجهو قومي شاهراهه بائي پاس روڊ تي موٽروي پوليس کي 35 ورهين جو هڪ سخت زخمي حالت ۾ شخص مليو جنهن کي فوري طور ڀرياسٽي اسپتال پهچايو ويو سندس کيسي مان مليل سڃاڻپ ڪارڊ موجب 35 سالن جي زخمي شخص جي سڃاڻپ بلوچستان جي علائقي زوب واسي بشير احمد مري طور ٿي جنهن کي نازڪ حالت ۾ نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ڀريا سٽي پوليس سندس ڀاءَ هزار خان مري کي فون ذريعي اطلاع ڪيو جنهن بعد ۾ ڀريا سٽي اسپتال پهچي لاش وصول ڪيو ،ان موقعي تي فوتي بشير احمد مري جي ڀاءَ هزار خان مري ميڊيا سان سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته منهنجو ڀاءَ بشير مري مال جو واپاري هو ، هو ڏهرڪي مان مال جي واپار جا 4 لک روپيا وٺڻ جي لاءِ ويل هو لاش ملڻ وقت سندس 4 لک روپيا ۽ موبائيل فون پڻ گم آهي منهنجي ڀاءَ کي مٿي ۾ ڌڪ لڳل هئا، واقعو ڪا واردات لڳي رهي آهي اسان في الحال فوتي جي لاش جي تدفين ڪرائي معاملي بابت ڀريا ٿاڻي ڪيس داخل ڪرائي جاچ ڪرائينداسين ، هن چيو ڪجهه سال اڳ اسان مال جي واپار جي سانگي ٺاروشاهه ڀرسان مڃٺ شهر ۾ رهندا آهيون ڀرياسٽي پوليس معاملي جي پيرائتي جاچ ڪرڻ بدران لاش وارثن حوالي ڪري پنهنجي زميواري پوري ڪئي ان سلسلي ۾ ڀريا پوليس جو چوڻ هو ته ڀريا اسپتال ۾ موٽروي پوليس ڪنڊيارو زخمي کي پهچائي اسان کي اطلاع ڪيو ،ٻئي طرف اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر محمد عثمان جوڻيجو ٻڌايو ته زخمي جي مٿي ۾ ڌڪ لڳل هئو جنهن ڪري رت پڻ گهڻو وهي چڪو هو سندس موت مٿي ۾ ڌڪ سبب ٿيو آهي يادر هي واقعي هنڌ کان ڪجهه قدمن تي ڀريا پوليس جي سيد انور شاهه باغ وٽ پوليس پڪٽ پڻ آهي










