اسان هر قيمت تي دهشتگرد عنصرن کي شڪست ڏينداسين: صدر آصف زرداري

اسان هر قيمت تي دهشتگرد عنصرن کي شڪست ڏينداسين: صدر آصف زرداري

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دهشتگرد قوم کي ورهائڻ چاهن ٿا، پر اسان کين هر قيمت تي شڪست ڏينداسين. صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خاص شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ بلوچستان جي وقتي گورنر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي، چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خان، آءِ جي پوليس معظم جاهه انصاري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ ٿيا.اجلاس دوران بلوچستان جي وڏي زير مير سرفراز بگٽي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. آصف علي زرداري چيو ته صورتحال واضح آهي، رياست کي قائم رهڻو آهي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ کٽڻي آهي، ان لاءِ دهشتگردي ٽوڙ ونگ کي جديد هٿيار فراهم ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان دل جي ويجهو آهي، اسان هتي ترقي ۽ پائيدار امن چاهيون ٿا، هر ٻار کي اسڪول ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا. صدر جو چوڻ هو ته جديد ٽيڪنالاجي سان ٻارن کي روشناس ڪرائڻ وقت جي اهم گهرج آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو