بلوچستان جي 4 ضلعن ۾ ضمني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري

بلوچستان جي 4 ضلعن ۾ ضمني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي 4 ضلعن ۾ ضمني چونڊن لاءِ پولنگ جاري آهي.موسيٰ خيل، مستونگ، دکي ۽ لورالائي جي 11 يونين ڪائونسلن جي 57 وارڊن ۾ پولنگ ٿي رهي آهي.موسيٰ خيل جي 4 يو ايس سي جي 28 وارڊن، مستونگ جي 4 يو ايس سي جي 22 وارڊن، دکي جي 2 يونين ڪائونسلن جي 6 وارڊن ۽ لورالائي جي 1 يو ايس سي جي 1 وارڊن ۾ پولنگ ٿي رهي آهي.پولنگ جو عمل شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي تائين جاري رهندو، ضمني چونڊن جي حوالي سان سمورن پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.چونڊن لاءِ سمورن وارڊن ۾ 223 اميدوار ميدان ۾ آهن، سمورن 57 وارڊن ۾ ڪل 34 هزار 919 ووٽر پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو