ڪوئيٽا)ويب ڊيسڪ) بلوچستان جو مڪاني ادارن وارو وزير سرفراز چاڪر ڊومڪي لاڏاڻو ڪري ويو.خانداني ذريعن موجب سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي 10 ڏينهن کان ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، هو ڦڦڙن ۽ گردن جي بيماري ۾ مبتلا هو.ڀاءُ هربيار ڊومڪي جو چوڻ آهي ته سرفراز چاڪر ڊومڪي جو لاش اڄ ڪراچي کان لاهري آندو ويندو، سرفراز چاڪر ڊومڪي کي اباڻي قبرستان لاهري ۾ دفنايو ويندو.بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي مڪاني ادارن واري وزير سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سرفراز چاڪر ڊومڪي هڪ هوشيار ۽ قابل اعتماد سياستدان ۽ قبائلي شخصيت هو. سرفراز چاڪر ڊومڪي بلوچستان ڪابينا جو سرگرم ميمبر هو، هن هميشه بلوچستان جي سياسي ۽ قبائلي نظام ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو.










