لاهور(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف بجلي بلن ذريعي دڪاندارن کان فڪسڊ ٽيڪس جي وصولي معطل ڪندي ٽيڪس وصولي جي شرح مقرر حد کان وڌيڪ ڪرڻ خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.وزيراعظم جي صدارت هيٺ بجلي جي قيمتن ۽ بلن ذريعي فڪسڊ سيلز ٽيڪس ڪليڪشن جي معاملي تي اجلاس ٿيو. توانائي واري وزير انجنيئر خرم دستگير، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل، مصدق ملڪ، چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) وفاقي سيڪريٽري توانائي، ناڻي ۽ پيٽروليم کان علاوه ٻين اعليٰ اختيارين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.شهباز شريف بلن ذريعي فڪسڊ سيلز ٽيڪس جي وصولي کي فوري طور تي معطل ڪري ٽيڪس وصولي جي لاءِ نئون لائحه عمل جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. هن بجلي جي بلن ذريعي دڪاندارن تي فڪسڊ سيلز ٽيڪس کي لاڳاپيل شرح کان وڌيڪ لاڳو ڪرڻ تي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف طرفان خصوصي هدايت ڪئي وئي ته دڪاندارن کان ٽيڪس وصولي تي ڪوبه فيصلو ڪرڻ کان واپارين جي نمائندن کي به شامل ڪيو وڃي.ان کان علاوه وزيراعظم سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ اختيارين کي فوري طور تي غريب طبقي جي لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو بهتر طريقيڪار واضح ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت غريب طبقي جي مالي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدمن جي لاءِ ڪوشان آهي.










