بلن تي لڳايل ناجائز سيلز ٽيڪس خلاف واپارين جو احتجاج،واپس وٺڻ جو مطالبو

بلن تي لڳايل ناجائز سيلز ٽيڪس خلاف واپارين جو احتجاج،واپس وٺڻ جو مطالبو

ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)ٽنڊو محمد خان صرافه بازار ايسويئيشن پاران وفاقي حڪومت پاران بجلي جي بلن تي لڳايل ناجائز سيلز ٽيڪس خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي ان موقعي تي صرافه بازار ايسوسيشن جي صدر ارشد پنهور سئنير نائب صدر لال خان رند جنرل سيڪيٽري نديم شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته وفاق حڪومت پاران بجلي جي بلن تي لڳايل سيلز ٽيڪس جيڪو ناجائز ٽيڪٽس لڳايو ويو آهي وفاقي حڪومت هن مهنڳائي جي دور ۾ بلن تي ٽيڪس لڳائي وڌيڪ عوام مٿان بوجھ وڌو ويو آهي فورن بجلي جي بلن تي لڳايل سيلز ٽيڪس جو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائيرو وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو