ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي خط لکي مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان لاچاري جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي خط لکي چيو آهي ته صوبي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهي.سنڌ حڪومت جو خط سنڌ پوليس جي گهرو کاتي کي لکيل خط تي ٻڌل آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ رليف آپريشن سبب متاثر علائقن ۾ پوليس جو گشت جاري آهي، پوليس فورس به ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهي آهي. سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته پوليس ٽن مهينن کان چونڊن لاءِ سڪيورٽي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ چونڊون ٽن مهينن لاءِ ملتوي ڪيون پيون وڃن… ڪراچي ۾ بلدياتي چونڊن دوران پوليس پاران سڪيورٽي ڏيڻ کان معذرت ڪئي وئي آھي، اي آءِ جي آپريشنز حيدر رضا طرفان ايڊيشنل سيڪريٽري گهرو کاتي کي لکيل خط ۾ درخواست ڪئي وئي ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جو ٽيون مرحلو 23 آڪٽوبر تي ٿيڻو آهي پر ان لاءِ فول پروف سڪيورٽي انتظام ڪرڻ ممڪن ناهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي پوليس جو پنهنجو نفری ٻوڏ متاثر علائقن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، سنڌ اندران نفری سان گڏ ڪراچي پوليس وٽ پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊز موجود نه آهن.خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته رٿيل سڪيورٽي لاءِ 16500 اهلڪارن جي کوٽ آهي، جنهن ڪري ڪراچي پوليس لاءِ انتظام ڪرڻ ناممڪن آهي. سنڌ جي گهرو کاتي کي درخواست ڪئي وئي آهي ته چونڊون گهٽ ۾ گهٽ 3 مهينا اڳ ۾ ڪرايون وڃن ۽ ان حوالي سان لاڳاپيل ادارن سان معاملو اٿاريو وڃي.










