بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ڊي سي آفيس ۾ اهم اجلاس،هدايتون

بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ڊي سي آفيس ۾ اهم اجلاس،هدايتون

شڪارپور (ن سنڌيار) بلدیاتي چونڊن دوران امن امان جي جائزي لاء اعلی سطع جي گڏجاڻي، شڪارپور ۾ پاڪ آرمي ڳڙھي یاسین، چڪ ۽ شڪارپور ۾ تعینات، رینجرس انتھائي حساس پولنگ اسٽیشنن تي گشت ڪندي، گڏجاڻي ۾ فیصلو، ضلعي اندر 99 انتھائي حساس ۽ 301 حساس پولنگ اسٽیشنون قرار۔ھٿیارن جي نمائش خلاف قلم 144 لاڳو۔ ضلعي ۾ 5000 ھزار پولیس اھلڪار ، 120 فوجي جوان الیڪشن جي ڊیوٽي سرانجام ڏیندا۔ ایس ایس پي شڪارپور۔ انتھائي حساس پولنگ اسٽیشنن تي سي سي ٽي وي لڳایون ویون آھن ۔ ڊي آر او شڪارپور ابرار جعفر تفصیل مؤجب ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفیسر ابرار جعفر جي صدارت ۾ بلدیاتي الیڪشن جي انعقاد ۽ امن امان بابت اعلی سطع جي گڏجاڻي ٿي۔ گڏجاڻي ۾ ایس ایس پي شڪارپور تنویر تنیو، فوجي ۽ رینجرس جي آفیسرز شرڪت ڪئي۔ گڏجاڻي ۾ ڳالھائیندي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي آر او ابرار جعفر ٻڌایو تہ ضلعي ۾ ٽن ھنڌن ، چڪ، شڪارپور ۽ ڳڙھي یاسین ۾ فوج تعینات ڪئي ویئي آھن ، جڏھن تہ انتھائي حساس پولنگ اسٽیشن جي ویجھو رینجرس کي گشت جو حڪم ڏنو ویو آھي۔جڏھن تہ انتھائي حساس پولنگ اسٽیشن تي سي سي ٽي وي ڪیمیرائون پڻ لڳایون ویون آھن۔ھن چیو تہ اسلحي جي نمائش خلاف قلم 144 لاڳو ڪیو ویو آھي ۽ خلاف ورزي ڪندڙ خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ویندي۔ھن ٻڌایو تہ ڊسٽرڪٽ انٽیلیجنس ڪمیٽي جي گڏجاڻي ڪري ممڪنہ امن امان خراب ڪندڙن جي نشاندھي ڪئي ویئي آھي۔ ضلعي اندر فلیگ مارچ ڪئي پیئي وڄي۔ جڏھن تہ487 پولنگ اسٽیشنن تي 330 ننڍین وڏین گاڏین جي مدد سان پولنگ عملو سامان سمیت روانو ڪیو ویو آھي۔ گڏجاڻي ۾ بریفنگ ڏیندي ایس ایس پي شڪارپور تنویر احمد تنیو ٻڌایو تہ ضلعي اندر 5000 پولیس اھلڪار الیڪشن جي ڊیوٽي سرانجام ڏیندا، جڏھن تہ ھڪ ھزار جي اضافي نفري ٻاھران گھرائي آھي۔ ھن ٻڌایو تہ انھائي حساس پولنگ اسٽیشن تي 8 پولیس اھلڪار،، حساس پولنگ اسٽیشن تي چار، جڏھن تہ نارمل پولنگ اسٽیشن تي ٻہ پولیس اھلڪار تعینات ڪیا ویندا۔ جڏھن تہ پولیس جي مدد لاء رینجرس ۽ پاڪ آرمي جا جوان پڻ ھوندا۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو