بلدياتي چونڊن جي تاريخ کي اڳتي وڌايو وڃي: وسيم اختر

بلدياتي چونڊن جي تاريخ کي اڳتي وڌايو وڃي: وسيم اختر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم پاڪستان) جي اڳواڻ وسيم اختر چيو آهي ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي تاريخ اڳتي وڌائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ کي درخواست ڏني آهي. اين اي 245 جي چونڊ مهم دوران آفيس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وسيم اختر چيو ته ڪجهه يوسي ۾ 25 هزار ووٽ رکيا ويا آهن ۽ ٻي ۾ 9 هزار ووٽ.هن چيو ته تڪ بنديون غلط ڪيون ويون ته جيئن ايم ڪيو ايم وڌيڪ سيٽون نه کٽي سگهي.وسيم اختر چيو ته جيڪڏهن حڪومت سان ڪيل معاهدن تي عمل نه ٿيو ته هو فيصلو ڪري اين اي 245 جي چوري ٿيل سيٽ ٻيهر کڻندا.

پهنجو تبصرو موڪليو