بلاول ۽ فريال ٽالپور جو هولي جي ڏهاڙي تي پيغام

بلاول ۽ فريال ٽالپور جو هولي جي ڏهاڙي تي پيغام

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي عورت جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر جو هولي جي موقعي تي پيغام ۾چيو آهي ته منهنجي طرفان پاڪستاني هندو برادري سميت سڄي دنيا ۾ هولي ملهائڻ وارن لاءِ نيڪ تمنائون آهن،هولي جو عيد برائي جي شڪست ۽ چڱائي جي فتح جي علامت آهي اهڙا عيد ملهائڻ سان معاشري ۾ ڀائيچاري کي هٿي ملندي پاڪستان جي هندو برادري جون ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتون ڊگھيون ۽ شاندار آهن عوامي ليڊر جي نظريي جو روح ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو فلسفو رواداري ۽ برابري آهي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري وسيع تر قومي اتحاد ۽ هم آهنگي لاءِ سرگرم آهن
هولي جي موقعي تي پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو پيغام
بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني هندو ڀائرن کي رنگن جو تهوار هولي مبارڪ هجي هولي ڪوڙ تي سچ جي ابدي فتح، سماج ۾ ڀائيچاري ۽ تلخين کي وساري اڳتي وڌڻ جي علامت آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي 1973ع جي آئين موجب سڀني اقليتن کي برابري جا حق حاصل آهن پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي لاءِ پنهنجي غير متزلزل عزم تي قائم آهي

پهنجو تبصرو موڪليو