بلاول کي افغان هم منصب جو فون، سفارتڪار تي حملي جي مذمت

بلاول کي افغان هم منصب جو فون، سفارتڪار تي حملي جي مذمت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغان هم منصب سان رابطو ڪري ڪابل حملي جي سخت مذمت ڪئي.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سندس افغان هم منصب عامر خان متقي سان فون تي رابطو ڪيو ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني پرڏيهي وزير عبيد نظاماڻي تي حملي جي مذمت ڪئي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته افغان پرڏيهي وزير پاڪستاني مشنز ۽ سفارتي عملي جي سيڪيورٽي وڌائڻ ۽ حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو يقين ڏياريو آهي.ٻئي طرف افغان پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ٽيليفون تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اهڙا حملا لاڳاپا خراب نٿا ڪري سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو