بلاول ڀٽو يورپ مان وطن واپس پهچي ويو

بلاول ڀٽو يورپ مان وطن واپس پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري يورپ جي ٽن ڏينهن جي دوري تان وطن واپس پهچي ويو آهي.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي وفد سميت خاص جهاز ۾ هنگري کان ڪراچي پهتو.پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 20 فيبروري تي جرمني کان اسلام آباد پهچندو.پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي دوري دوران جرمني، برطانيا ۽ هنگري ۾ اهم ملاقاتون ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو