ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيپلز بس سروس جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو.پهرئين مرحلي ۾ بس سروس ملير ماڊل ڪالوني کان ٽاور لاءِ شروع ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته ان کان اڳ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ هڪ بيان ۾ چيو هو ته پيپلز بس سروس هلڻ شروع ٿي وئي آهي. هن چيو ته هو پيپلزپارٽي شهر کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هر وقت جاکوڙي رهي آهي.
پيپلز بس سروس جو روٽ ڪهڙو آهي؟
سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جي پهرين مرحلي ۾ ماڊل ڪالوني ملير کان ٽاور تائين بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي.پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پنهنجي مسلسل ٽئين حڪومت جي 14سالن بعد پيپلز بس سروس جي شروعات ڪئي آهي، بس سروس جو افتتاح پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪيو.ڪراچي جي 7 مختلف روٽن تي 240 بسون هلايون وينديون، سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته جلد وڌيڪ روٽن تي بسون هلايون وينديون. پهرين مرحلي ۾ هي بس ماڊل ڪالوني ۽ ملير ڪينٽ جي سنگم ٽينڪ چوڪ کان شاهراهه فيصل، ميٽروپول ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ ٽاور تائين وينديون.
بلاول ۽ شرميلا جون پيپلز بس سروس ۾ سيلفيون
پيپلزپارٽي اڳواڻ شرميلا فاروقي ڪراچي جي پيپلز بس سروس ۾ ورتل پنهنجي پهرين سيلفي سوشل ميڊيا تي سيئر ڪري ڇڏي جيڪا وائرل ٿي وئي آهي. شرميلا فاروقي ٽوئٽر تي پنهنجي نئين سيلفي شيئر ڪئي.سيلفي ۾ شرميلا سان گڏ سعيد غني ۽ مرتضيٰ وهاب کي به ڏسي سگهجي ٿو. شرميلا فاروقي لکيو ته واعدو پورو ٿي ويو آهي. ياد رهي ته پيپلز بس سروس تحت ڪراچي ۾ 7 روٽس تي 240 بسون هلايون وينديون.










