ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان جي باکان ضلعي ۾ دهشتگرد ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب پيپلزپارٽي جي چيئرمين رکني بازار ۾ پيش آيل مذمت جوڳي واقعي تي ردعمل ڏيندي چيو ته پاڪستان معصوم شهرين کي ٽارگيٽ بنائندڙن کي چٿڻ لاءِ پرعزم آهي هن چيو ته دهشتگردن جو ڪوئي مذهب يا قوم ناهي ٿيندي اهي انسانن جي شڪل ۾ سفاڪ ڌرندا آهن بلاول ڀٽو زرداري واقعي ۾ شهيد شهرين جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ ٻڌي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.










