ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان سندس ننڍي ڀاڻيجي سان ملاقات ڪئي آهي. گذريل ڏينهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ناٺي پنهنجي ٻئي پٽ مير سجاول محمود چوڌري جي تصوير شيئر ڪئي هئي.هن تصوير ۾ بختاور ڀٽو جو ڀاءُ ۽ مير سجاول جو مامون بلاول ڀٽو کي ڏسي سگهجي ٿو. بلاول ڀٽو پنهنجي ننڍڙي ڀاڻج کي جهول ۾ کنيو آهي، هن پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيل آهي ”جڏهن سجاول بلاول سان ملاقات ڪئي“.










