بلاول ڀٽو زرداري افطار جي دعوت تي نواز شريف جي رهائشگاهه پهتو

بلاول ڀٽو زرداري افطار جي دعوت تي نواز شريف جي رهائشگاهه پهتو

لنڊن(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي دعوت تي لنڊن ۾ سندس رهائشگاهه تي افطار جي دعوت تي پهتو. ذريعن موجب بلاول ڀٽو سان گڏ شيري رحمان، نويد قمر ۽ قمر زمان ڪائره به نواز شريف جي دعوت تي سندس گهر پهتا، ان کان علاوه اسحاق ڊار، حسين نواز ۽ حسن نواز سميت شريف خاندان جي اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته افطار جي دعوت ۾ بلاول ڀٽو ۽ نواز شريف ملڪ جي سياسي معاملن تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي نواز شريف بلاول ڀٽو کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان لنڊن ۾ اسان جا مهمان آهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو