اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاري واري خبر کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو.هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاري جي خبر ڪوڙي ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي، گرفتاري جو سوال ڪنهن به سنجيده صحافي کان نه هو.ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 6 مهينن ۾ 16 ملڪن جا دورا ڪيا، جنهن ۾ پرڏيهي وزير سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، چين، سوئٽزرلينڊ، ترڪي، ازبڪستان، آمريڪا، جرمني، مصر، انڊونيشيا، سنگاپور ۽ ڪمبوڊيا جا به دورا ڪيا. افغانستان بابت هڪ سوال تي ترجمان چيو ته افغانستان ۾ عورتن جي تعليم تي پابندي ناقابل قبول آهي.والاريل ڪشمير بابت ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڀارت ڪيتري ئي عرصي کان ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي، ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي.










