بلاول پاران ڀارتي آبدوز کي روڪڻ تي نيوي جي تعريف

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي سامونڊي حدن ۾ ڀارتي آبدوز جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پاڪ نيوي کي جي الرٽ رهڻ تي کين مبارڪ ڏيندي ڪردار جي ساراهه ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته پاڪ بحريه پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪندي نه رڳو دشمن جا ارادا ناڪام بڻايا پر  انهن کي وائکو به ڪيو. بلاول چيو ته ڀارت پاران پاڪستان جي سامونڊي حدن ۾ دخل اندازي جي لاڳيتي ٽئين ڪوشش ڳڻتيءَ جوڳي آهي، عالمي برادري ان جو فوري نوٽيس وٺي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين اهڙن واقعن کي ڀارت جا جارحاڻا ارادا وائکا ٿيڻ جي برابر قرار ڏيندي چيو ته دنيا ڄاڻي ڇڏي ته جارحاڻن ارادن خلاف هر پاڪستاني  هڪ شيهي جي ڀت آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ فوجي ترجمان ڀارتي آبدوز کي پاڪستاني حدن اندر اچڻ کان روڪڻ بابت تفصيلي بيان جاري ڪيو هو. گهرو معاملن جي وزير به نيوي جي ڪردار جي تعريف ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو