بلاول خلاف ٺهراءُ، شهيد بي بي جي سبق تي هلان ٿو، بلاول

بلاول خلاف ٺهراءُ، شهيد بي بي جي سبق تي هلان ٿو، بلاول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي مان بلاول ڀٽو زرداري خلاف حڪومت مذمتي ٺهراءُ منظور ڪرايو آهي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته اسپيڪر خلاف ڳالهايل گٿن لفظن تي هو ايوان ۾ معافي وٺي. هوڏانهن بلاول ڀٽو صحافين سان ڳلاهائيندي چيو آهي ته اسپيڪر جو نهايت احترام آهي پر شهيد بي بي مونکي سيکاريو هو ته هميشه سچ ڳالهائجان. اپوزيشن جي غير موجودگي ۾ شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، شيرين مزاري ۽ ٻين جي صحيح سان پيش ڪيل ٺهراءَ جيڪو منظور ڪيو ويو تنهن ۾ جمع ڏينهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسپيڪر تي ڌر هجڻ جو الزام هڻندي چيو هو ته هو حڪومت جو نوڪر ٿو لڳي. بلاول چيو آهي ته مون انساني حقن جي ڪميٽي جي چيئرمين طور اسپيڪر کي خط لکي داوڙ ۽ وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ اهو خط اسپيڪر وصول ڪيو ۽ ٺپو هڻي تصديق ڪئي ته خط مليو آهي پوءِ به هو چوي ٿو ته مونکي ڪنهن درخواست ناهي ڪئي ته مان ڇا چوان؟.  

پهنجو تبصرو موڪليو