بلال ڪاڪا ذاتي جهيڙي تان قتل ٿيو، اُن کي لسانيت جو رنگ ڏنو ويو: وزير

بلال ڪاڪا ذاتي جهيڙي تان قتل ٿيو، اُن کي لسانيت جو رنگ ڏنو ويو: وزير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته بلال ڪاڪا ذاتي جهيڙي تان قتل ٿيو، اُن کي لسانيت جو رنگ ڏئي وڳوڙ پکيڙيو ويو ڪراچي ۾ شرجيل ميمڻ، سعيد غني ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناصر شاهه چيو ته ڪالهه منهنجي قادر مگسي، شاهي سيد، اياز لطيف پليجو سميت ٻين اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هن چيو ته ذاتي جهيڙي کي لسانيت جو رنگ ڏئي بيگناهه ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پيپلز پارٽي جي اميدوار لالا رحيم تي به حملو ڪيو ويو شرجيل ميمڻ چيو ته ايف آءِ اي انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري جيڪا ڪاروبار بند ڪرائڻ دوران سوشل ميڊيا تي لائيو وڊيوز هلائي رهيا آهن، سنڌ کان ٻاهر ويٺل ماڻهو ڌمڪين واريون وڊيوز اپلوڊ ڪري رهيا آهن، انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو