بغاوت ڪيس ۾ شهباز گل تي اڄ فرد جرم لاڳو ٿيڻ جا امڪان

بغاوت ڪيس ۾ شهباز گل تي اڄ فرد جرم لاڳو ٿيڻ جا امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل خلاف اداري ۾ بغاوت کي اُکسائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي.اسلام آباد جي مقامي عدالت مٿس اڄ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي.گذريل ٻڌڻي تي شهباز گل جي وڪيل چيو ته بغاوت جون شقون نوآبادياتي قانون آهن، عدالت کي به ڏسڻو آهي ته فيئر ٽرائل جي حوالي سان ڪهڙا ثبوت آهن جن جي بنياد تي ڪيس هلڻو آهي.وڪيل چيو ته ٽرائل کان اڳ عدالت کي ڏسڻو آهي، هن مرحلي تي ڪيس اڳتي وڌي سگهي ٿو يا نه، ان جو فيصلو پهريان ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو