بطور قوم متحد ٿي دهشتگردي جو خاتمو آڻينداسين: آرمي چيف

بطور قوم متحد ٿي دهشتگردي جو خاتمو آڻينداسين: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته قوم جي حيثيت سان متحد ٿي دهشتگردي جو خاتمو آڻينداسين.خيبرپختونخواه پوليس پاڪستان جي سڀ کان بهادر پوليس آهي، ڪي پي پوليس دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن فورس طور وڙهي.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير پشاور پوليس لائنز ڌماڪي واري هنڌ جو دورو ڪيو.آرمي چيف پوليس آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبرپختونخواهه پوليس جي بهادري ۽ خدمتن کي ساراهيو ۽ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ پوليس جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو