بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ)سنڌ ۾ چيٽي فصل طور پوکيو ويندڙ فصل ٽماٽا بصر جو هن سال بهترين فصل لهڻ باوجود وفاقي حڪومت طرفان سنڌ جي سبزي منڊين مان اهو فصل خريد ڪرڻ بدران پاڙيسري ملڪن ايران افغانستان ۽ انڊيا مان ٽماٽا ۽ بصر گھرائڻ بعد سنڌ ۾ اگھن جي لاٿ کان پوءِ سنڌ جا هزارين آبادگار هاري ناري سٽجي ويا آهن ٻاهران ٽماٽا ۽ بصر گھرائڻ بعد اگهه ڪري پيا آهن بدين ۾ آبادگار اڳواڻ مير نوراحمد ٽالپر خداڏنو شاھ عطامحمد چانڊيو حاجي حنيف خاصخيلي شيراز خواجه ميان شڪيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن قاضيا واھ پل کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي جنهن کي خطاب ڪندي هنن چيوته وفاقي حڪومت سنڌ جي آبادگارن سان دشمني تي لهي آئي آهي جنهن جو مثال اهو آهي ته سنڌ ۾ ٽماٽا ۽ بصر جو آڳاٽو فصل مارڪيٽ ۾ اچڻ باوجود پاڙيسري ملڪن کان ٽماٽا ۽ بصر گھرايا پيا وڃن جنهن سبب سنڌ ۾ گذريل هڪ هفتي دوران ٽماٽي ۽ بصرن جي اگھن ۾ رڪارڊ لاٿ آئي آهي جنهن سان آبادگارن کي وڏو مالي نقصان رسيوآهي هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاقي سرڪار طرفان پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگھن ۾ واڌ سبب فصلن جي پوکائي دوران آبادگارن کي دوائون ٻج ڀاڻ ۽ يوريا مهانگي اگھن تي خريد ڪرڻو پئجي ويو پر فصل لهڻ ۽ ان جو مناسب اگھ نه ملڻ ڪري نه رڳو آبادگار طبقو سخت پريشان آهي پر سنڌ جي زرعي معيشت کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسيوآهي هنن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ پاڙيسري ملڪن کان ٽماٽا ۽ بصر گھرائڻ جو سلسلو بند ڪيووڃي ٻي صورت ۾ اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪيوويندو.










