ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سينيئر اداڪارا بشريٰ انصاري هڪ انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو آهي ته هن ماضي ۾ شوبز جي ٻن وڏن نالن، ماهره خان ۽ فهد مصطفىٰ جا فون نمبر پنهنجي موبائل مان ڊليٽ ڪري ڇڏيا هئا۔
هڪ تازي انٽرويو ۾ بشريٰ انصاري ٻڌايو ته هن مختلف موقعن تي ٻنهي فنڪارن کي پيغام موڪليا هئا، پر مصروفيتن سبب کيس وقت سر جواب نه مليو.
اداڪارا چيو ته ان صورتحال ۾ هن اهو سمجهيو ته شايد اهي ٻئي تمام گهڻا مصروف آهن ۽ رابطو برقرار رکڻ نٿا چاهين. ان تاثر کان پوءِ هن پاڻ ئي ٻنهي جا نمبر ڊليٽ ڪري ڇڏيا ته جيئن بار بار پيغام موڪلڻ يا ڪنهن غلط فهمي ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچي سگهي. پر ڪجهه عرصي کان پوءِ هڪ حيران ڪندڙ صورتحال سامهون آئي.
بشريٰ انصاري ٻڌايو ته هڪ ڏينهن کيس هڪ پيارو پيغام مليو، جنهن ۾ لکيل هو: ”آپا، آءِ لو يو، آءِ مس يو.“ جيئن ته نمبر محفوظ نه هو، تنهن ڪري صرف ”ايم ڪي“ جا ابتدائي اکر نظر اچي رهيا هئا. هن غلطيءَ سان سمجهيو ته شايد اهو پيغام اداڪارا مشي خان موڪليو آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ اهو پيغام ماهره خان طرفان هو. جڏهن ماهره کي خبر پئي ته بشريٰ انصاري سندس نمبر ئي ڊليٽ ڪري ڇڏيو هو ته هوءَ به حيران رهجي وئي.
ساڳئي طرح هڪ ٻي موقعي تي فهد مصطفىٰ به رابطو ڪيو، پر نمبر محفوظ نه هجڻ سبب بشريٰ انصاري کيس سڃاڻي نه سگهي، جنهن تي فهد پڻ حيران ٿي ويو.
بشريٰ انصاري وضاحت ڪندي چيو ته سندس ڪنهن سان به ناراضگي جو ڪو ارادو نه هو، بلڪه هوءَ ٻنهي فنڪارن جي تمام گهڻي عزت ڪري ٿي. هن چيو ته ماهره خان انتهائي باادب، نِوڙي ۽ خوش اخلاق شخصيت جي مالڪه آهي، جڏهن ته ماهره خان ۽ فهد مصطفىٰ ٻئي پاڪستاني انڊسٽري جي سڀ کان وڌيڪ مصروف فنڪارن مان شمار ٿين ٿا.










