گلاب لغاري (سليمان چانڊيو) ڳوٺ ڇن بيراھ ڀرسان بزرگ مصري شاھ جو ساليانو عرس مبارڪ جاري، ٻيلاڙو ۽ ملھ راند جا جا مقابلا ٿي گذريا. ميلي ۾ مٺائي، ڪشمش ۽ منڃاري جي دڪانن کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو. ان سلسلي ۾ ٻيلاڙو راند ٿي شفيع ڀرڳڙي خالد خاصخيلي ۽ ٻيا سوڀارا ٿيا جنهن بعد پهرين ملھ راند جا مقابلا مرڪزي سرپرست اعليٰ محبوب خان سريوال جي سرپرستي ۾ هلندڙ آهي جنهن ۾ سنڌ، پنجاب توڙي بلوچستان جي مشهور ملھ پهلوانن حصو ورتو. پهلوانن غلام حسين سريوال،علي حسن خاصخيلي، نويد بلوچ بلوچستان، ميرحسن ڀنڀرو، محبوب گپچاڻي دوست علي خاصخيلي، بچايو لغاري، صدام پهنور، مدد ٻٻر، حمل مري، راجا پهنور ۽ ٻين پهلوانن وچ ۾ زور آزمائي ٿي. جڏهن ته مير حسن ڀنڀرو اياز شاھ کي ٻئي ملهون دسي غش ڪري ڇڏيو مدد ٻٻر حمل مري کي ٻئي ملهون ماريون گلبهار ڀنڀرو کي بلوچستان جي پهلوان نويد بلوچ پوئين ملھ دسي شڪست ڏني ۽ ٻين پهلوانن ۾ پڻ چوڻي جا مقابلا ٿيا ۽ ڪيترائي ملھ پهلوان ڏندڙجي پيا. کٽيندڙ پهلوانن کي محبوب سريوال، مبارڪ خاصخيلي، حاجن خان سريوال، جونيئر محمد حسن سريوال، ارباب خاصخيلي سميت ملاکڙو ڏسندڙ سوين شوقينن پاران روڪ انعام ڏنا ويا.










