برٽني اسپيئرز تي ايراني ميڊيا جي تنقيد

برٽني اسپيئرز تي ايراني ميڊيا جي تنقيد

لنڊن(ويب ڊيسڪ)مشهور آمريڪي ڳائڻي برٽني اسپيئرز کي ايران جي عورتن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ مهانگو پئجي ويو.برٽني اسپيئرز مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ايران جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي تهران پوليس پاران مهسا اميني جي گرفتاري کانپوءِ قتل ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ”مان ۽ منهنجو مڙس ايراني عوام سان گڏ آهيون جيڪي آزادي لاءِ وڙهندا رهيا آهن“.ايراني خبرن جي ايجنسي به برٽني اسپيئرز کي ڳاڙهي هٿ ڪيو آهي.ايران جي سرڪاري ميڊيا ايران ۾ احتجاج ڪندڙ ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڳائڻي کي ياد ڏياريو ته هوءَ سالن کان پنهنجي پيءُ جي قبضي هيٺ رهڻ سبب اڃا تائين ذهني مسئلن جو شڪار آهي، هو ان سنگين صورتحال تي ڪو به بيان ڏيڻ جي لائق نه آهن.ان کان اڳ ايراني ميڊيا به شڪيرا کي ايراني عورتن جي حق ۾ آواز اٿارڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو هو.ايراني ميڊيا گلوڪاره تي طنز ڪندي هڪ ميم پوسٽ ڪيو جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته شڪيرا آمريڪا ۽ سعودي عرب ۾ عورتن تي پوليس تشدد کي نظرانداز ڪري رهي آهي.ياد رهي ته برٽني اسپيئرز جون ۾ ايراني ڄائي اداڪار ۽ فٽنيس ٽرينر سام اصغري سان شادي ڪئي هئي.سام اصغري، جيڪو ننڍي هوندي آمريڪا ويو هو، پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ايران جي موجوده صورتحال تي باقاعدگي سان پنهنجا ويچار ونڊيندو آهي.پنهنجي هڪ وڊيو ۾ هن ايران جي موجوده حڪومت تي ملڪ ۾ سخت قانون لاڳو ڪرڻ تي به تنقيد ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو