برٽش ڪائونسل جي تقريب، رضاڪارن ۾ مڃتا ايوارڊ تقسيم

برٽش ڪائونسل جي تقريب، رضاڪارن ۾ مڃتا ايوارڊ تقسيم

سکر (امداد علي ڪلوڙ) سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام ۽ برٽش ڪائونسل پاڪستان طرفان تعليم جي پروجيڪٽ ٽيڪ اي چائيلڊ ٽو اسڪول پروگرام بابت سکر ڪلچر ڪامپليڪس ۾ تعليمي ميدان ۾ رضاڪارانه خدمت انجام ڏيندڙن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ايم اين اي شازيه صوبيا سومرو،سي ايس ايس پي جي چيف دائريڪٽر نو محمد بجير، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن عبدالعزيز هڪڙو، ڊي اي او عبدالماجد بلو، ڊائريڪٽر سوشل ويلفئير سيد نصير شاهه، ايجوڪيشن ٽاسڪ فورس سکر جي چئيرمين ملڪ محمد رضوان الحق، سميع الله مهر، نصير اڄڻ سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪا به قوم بغير تعليم جي ترقي نٿي ڪري سگهي، ترقي يافته، تهذيب يافته قومن کي ڏسجي ته ان جي پٺيان تعليم جو سبب نمايان نظر ايندو آهي. اسان جو خواب آھي ته علائقي ۾ هڪ به ٻار تعليم جهڙي زيور کان محروم نه ھجي ان خواب جي ساڀيان لاءِ اسان پنهنجي هڙان وڙان علائقي جي ٻارڙن جي ھر حوالي سان علمي سهائتا ڪندا پيا رهون. هنن چيو ته تعليم ئي انسان جي تقدير سنواري ٿي ۽ علم جي روشني سان ئي جهالت واري انڌيري جو خاتمون آڻي سگهجي ٿي.ان موقعي تي رضاڪارن پنهنجي ڪم بابت خيالن جي پڻ اظهار ڪيو جنهن ۾ سماجي ڪارڪن عاشق چاچڙ، ضمير ڀنڀرو، شمع، استاد غلام نبي شامل هئا. تقريب جي آۡخر ۾ رضا ڪارن کي مڃتا طور سرٽيفيڪٽ ۽ شيلڊ اوارڊ ڏنا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو