ڳڙهي ياسين(شفيق مهر)ڳوٺ مارو ڪاڪيپوٽه ۾ بروهي ۽ ڪاڪيپوٽه ڌرين ۾ ابراهيم ڪاڪيپوٽو ۽ خان محمد بروهي ۾ هلندڙ پراڻو تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان خان جي هدايت تي ڌرين ۾ سرچاءُ لاءِ ميڙ منٿ قافلو ، ڪاڪيپوٽه برادري جي جاويد خان ڪاڪيپوٽو ، سيد صوفن علي شاهه ، مولوي شفيق الرحمان پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ شهر جي معزز شخصيتن ڳوٺ شير خان بروهي پهچي خان محمد بروهي ۾ ٺاهه لاءِ چيو جنهن تي بروهي ڌر جي خان محمد بروهي ميڙ منٿ قافلي کي اُهو چئي موٽائي ڇڏيو ته جيستائين ڪاڪيپوٽه ڌر جي ابراهيم ڪاڪيپوٽو ۽ منظور ڪاڪيپوٽو جي گرفتاري عمل ۾ نه ٿي اچي تيستائين اسين ڪوبه راڄوڻي فيصلو نه ٿا ڪري سگهون. جنهن کانپوءِ ميڙ منٿ قافلو واپس موٽي آيو . رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان خان ٻڌايو ته ڪاڪيپوٽه ڌر جي چڱن مڙسن ٺاهه لاءِ راضپو ظاهر ڪيو هو پر هاڻي بروهي برادري پاران ٺاهه ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويوآهي ، هن چيو ته جهيڙيندڙ ڌرين مان جيڪڏهن ڪا به ڌر ٺاهه کان انڪار ڪندي ته ان خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.










