خيرپور ناٿن شاه (ن س)خيرپور ناٿن شاهه ۾ بُرقعا پوش وحشي عورتن جو گروهه سونن والين خاطر هڪ ٽين معصوم نياڻي مارا ڌي افضل ڪلهوڙي جا بي رحماڻي انداز سان ڪن ڇني سونا والا ڪڍي ويون, ياد رهي ته شھر اندر ھن ٽين واقعي معصوم ٻارڙن ۽ سندس والدين مٿان پريشانين جا پهاڙ چاڙھي ڇڏيا اهڙي ٽين واقعي کانپوء ڪي اين شاهه جو پورو شھر انتظاميا جي نااهلي سبب ڏُک ۽ غم واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لڳا, پوليس انتظاميا هٿ وٺي بدامني جي بي قابو جن کي شھر ۾ ڇوٽ ڏئي ڇڏيو, ان حوالي سان ايس ايڇ او ڪي اين شاهه کان موقف وٺڻ لاء فون ڪال ڪئي وئي پر رابطو بحال نه ٿي سگهيو










