ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برفاني ڇپون ڪرڻ سبب مري ويلن جو انگ 112 ٿي ويو آهي. جن ۾ 5 فوجي جوان به شامل آهي جيڪي گلگت ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ سبب فوت ٿيا. انهن جو تعلق پاڪ فوج جي انجنيئرنگ شعبي سان آهي. گلگت ۽ ڪشمير جي نيلم وادي ۾ 4 ڏينهن کان زميني رستو ۽ فون رابطو ڪٽيل آهي. سڀ کان وڌيڪ نقصان آزاد ڪشمير جي نيلم وادي ۾ ٿيو آهي جتي 74 ماڻهو مري چڪا آهن. 2 ڳوٺ برفاني ڇپن هيٺان دٻجي ويا هئا. گلگت جي استور ضلعي جي ٻن مختلف جاين تي هڪ عورت ۽ هڪ ٻارڙي کانسواءِ 5 فوجي جوان پڻ برفاني ڇپون ڪرڻ سبب فوت ٿي ويا آهن. شهيد ٿي ويل فوجين جي سڃاڻپ لانس نائڪ بنارس اقبال، عبدالرزاق، ايس پي آر شهزاد اڪرم، عمار علي ۽ محمد رفيق طور ٿي آهي. جن جا لاش گلگت پهچايا ويا آهن. گلگت اسڪردو روڊ 4 ڏينهن کان بند آهي جنهن سبب 700 ڳوٺڻ جو رستو ڪٽيل آهي. جڏهن ته گلگت کان راولپنڊي تائين رستو مڪمل طور بحال ڪيو ويو آهي. سخت برفباري سبب گلگت ۽ اسڪردو جو فضائي رابطو هڪ هفتي کان ڪٽيل آهي. ملڪ ۾ برسات ۽ برف باري سبب تباهي مچي وئي آهي آزاد ڪشمير جي نيلم وادي ۾ برفاني ڇپون ڪرڻ سبب 2 ڳوٺ ڊٻجي ويا. نيلم وادي ۾ 130 گهر برفاني ڇپ ۾ ڊٻجي چڪا آهن. مقامي انتظاميه پاڪ فوج جي جوانن سان گڏ امدادي آپريشن ۾ مصروف آهي. بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ به 22 ماڻهو مرڻ جا اطلاع آهن. ملڪ ۾ برسات ۽ بارش سبب اسڪردو ۾ گرمي جو پد ڪاٽو 13، ڪوئٽا ۾ ڪاٽو 11، پارا چنار ۾ ڪاٽو 8 ۽ ڪالام ۾ ڪاٽو 7 ٿي ويو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ٿڌ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف قمر جاويد باجوا اربع تي مصروفيتون رد ڪري نيلم وادي جو دوروڪيو، امدادي ڪمن جي نگراني ڪئي هدايتون ڏنيون ۽ اسپتال ۾ زخمين جي عيادت به ڪئي هئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثرين جي هر ممڪنه مدد ڪئي وڃي ۽ زخمين کي بهترين علاج جي سهولت مهيا ڪئي وڃي. ملڪ ۾ برسات ۽ برف باري سبب تباهي مچي وئي آهي آزاد ڪشمير جي نيلم وادي ۾ برفاني ڇپون ڪرڻ سبب 2 ڳوٺ ڊٻجي ويا ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 100 کان مٿي ٿي ويو آهي. نيلم وادي ۾ 130 گهر برفاني ڇپ ۾ ڊٻجي چڪا آهن. مقامي انتظاميه پاڪ فوج جي جوانن سان گڏ امدادي آپريشن ۾ مصروف آهي. 69 ماڻهو مري ويا آهن آخري اطلاعن تائين 61 لاش ۽ 53 زخمين کي برفاني ڇپ هيٺان ڪڍيو ويو هو. بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ به 22 ماڻهو مرڻ جا اطلاع آهن. ملڪ ۾ برسات ۽ بارش سبب اسڪردو ۾ گرمي جو پد ڪاٽو 13، ڪوئٽا ۾ ڪاٽو 11، پارا چنار ۾ ڪاٽو 8 ۽ ڪالام ۾ ڪاٽو 7 ٿي ويو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ٿڌ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. هوڏانهن وزيراعظم جي ترجمان اعلان ڪيو آهي ته عمران خان اربع جون مصروفيتون رد ڪري نيلم وادي جي دوري جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته متاثرين جي هر ممڪنه مدد ڪئي وڃي ۽ زخمين کي بهترين علاج جي سهولت مهيا ڪئي وڃي.










