برطانيه ۾ اسٽريپ اي انفيڪشن تيزي سان پکڙجي ويو، 8 ٻارڙا فوت

لنڊن(ويب ڊيسڪ)اسٽريپ اي انفيڪشن برطانيه ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن.پرڏيهي خابرو اداري موجب نئين بيڪٽيريل انفيڪشن سبب هن وقت تائين 8 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، جن ۾ هڪ برطانوي پاڪستاني ٻار به شامل آهي.برطانوي حڪومت طرفان انفڪشن جي حوالي سان وارننگ پڻ جاري ڪئي وئي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب اسٽريپ اي انفيڪشن جا اثر عام طور تي موتمار نه هوندا آهن پر ڪجهه حالتن ۾ ان بيڪٽيريا سان متاثر مريض سخت بيمار ٿي پوندو آهي.برطانوي صحت واري اداري جو چوڻ آهي ته گروپ اي اسٽريپ جي علامتن ۾ ڳلي ۾ سور ۽ چمڙي جي انفيڪشن شامل آهن ۽ اها بيماري بخار به ٿي سگهي ٿي جنهن جو علاج اينٽي بايوٽڪ سان ڪري سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو