برطانيا سان معاهدو ناهي، نواز ۽ ڊار کي الله واپس آڻيندو،شيخ

برطانيا سان معاهدو ناهي، نواز ۽ ڊار کي الله واپس آڻيندو،شيخ

اسلام آباد (الله وسايو گهوٽو) برطانيا سان ڏوهارين جي مٽاسٽا وارو ڪوبه معاهدو ناهي ٿيل،ان ڪري اسين نواز شريف ۽ اسحاق ڊار کي ڏيهه واپس نه آڻي سگهيا آهيون، کين الله ئي واپس آڻيندو، نادرا هيڊڪوارٽر ۾ بريفنگ بعد صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم کي ڪورونا جي ڪابه پرواهه ناهي، ڀلي استعيفيٰ ڏين، سندن ئي سيٽن تي ننڍيون چونڊون ڪرائينداسين، لکي وٺو پي ڊي ايم هٿان عمران خان ڪيڏانهن به نه ويندو، ميڊيا سان ڳالهين دوران شيخ رشيد چيو ته آئون نرم لهجي ۾ ڳالهائيندو آهيان، منهنجو ڪم آهي ته مريم نواز سوڌو ٻين اڳواڻڻ جا نالا احترام سان وٺان. هن چيو ته عوام کي هاڻي 40 ڏينهن بدران 30 ڏينهن ۾ شناختي ڪارڊ ملندو، هر تعلقي سطح تي نادرا آفيس کولي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو