برطانوي وزيراعظم پنهنجي پارٽي چيئرمين کي برطرف ڪري ڇڏيو

برطانوي وزيراعظم پنهنجي پارٽي چيئرمين کي برطرف ڪري ڇڏيو

لنڊن(ويب ڊيسڪ)برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ پنهنجي ئي ڪنزرويٽو پارٽي جي چيئرمين کي برطرف ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ ڪنزرويٽو پارٽي جي چيئرمين نديم زاهوي کي ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث هجڻ تي سندس عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي، برطانوي وزيراعظم نديم زهاوي کي ان حوالي سان خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث ثابت ٿيڻ تي برطانوي وزيراعظم نديم زهاوي کي خط لکيو آهي. اسان جي سامهون هڪ آزاد تحقيق ڪئي وئي، جنهن ۾ اهو واضح ٿيو ته ٽيڪس معاملن ۾ وزارتي ضابطن جي سنگين خلاف ورزي ٿي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مان اوهان کي اطلاع ٿو ڏيان ته حڪومت طرفان اوهان کي پارٽي عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي. ڪنزرويٽو پارٽي جي ٽيڪس ڪيس جي جاچ ڪندڙ جو چوڻ آهي ته جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته نديم زهاوي ان کي غلط انداز ۾ پيش ڪندو رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو