برطانوي هاءِ ڪمشنر جي بلاول ڀٽو سان ملاقات

برطانوي هاءِ ڪمشنر جي بلاول ڀٽو سان ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر زرداري هائوس تي پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن ۾ تجارتي تعلقات وڌائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.بلاول ڀٽو جيڪو صبح ڪراچي ۾ هو ۽ پنهنجي والدو جي 68 هين سالگره جي تقريب ۾ شريڪ هو خصوصي جهاز ذريعي اسلام آباد پهتو. زريعن جو چوڻ آهي ته مختلف سفارتڪار خاص ڪري آمريڪا ۽ برطانيا جا هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ افغانستان مان آمريڪي فوجين جي نڪرڻ بعد پيدا ٿيندڙ صورتحال بابت مشورا ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو