برطانوي ريپر ڊچ ويلي اسلام قبول ڪري ورتو

لنڊن (ويب ڊيسڪ)ڊچ وادي جي نالي سان مشهور برطانوي ڳائڻو ۽ ريپر اسٽيفن فيبلز ايلن اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي ويو.وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ تي وائرل ٿيندڙ هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته برطانوي ريپر ڊچ وادي هڪ مذهبي اسڪالر کان شهادت جو ڪلام پڙهي مذهب اسلام ۾ داخل ٿي رهيو آهي.گذريل ٻن ڏينهن کان گلوڪار جي وڊيو سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز يوٽيوب، ٽڪ ٽاڪ ۽ ٽوئيٽر تي وائرل ٿي رهي آهي.سندس اها وڊيو برطانوي سوشل ميڊيا اسٽار گيڪو به شيئر ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو