اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ملعون سلمان رشدي بابت پنهنجي بيان تي واضح ڪري ڇڏيو آهي.برطانوي اخبار دي گارڊين موجب انٽرويو دوران عمران خان چيو ته سلمان رشدي تي حملو انتهائي خوفناڪ ۽ افسوسناڪ آهي.ان حوالي سان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو بيان پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا پيج تي جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عمران خان جو چوڻ آهي ته برطانوي اخبار دي گارڊين سلمان رشدي بابت سندس ڳالهه ٻولهه کي تناظر کان ٻاهر پيش ڪيو.عمران خان چيو ته سلمان رشدي کي ڀارت اچڻ جي دعوت ڏيڻ بعد هن سيمينار ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو هو. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته انٽرويو ۾ گستاخ رسول کي سزا ڏيڻ جو اسلامي طريقو بيان ڪيو، سيالڪوٽ سانحي جو حوالو ڏنو ۽ ان حوالي سان سلمان رشدي جي ڳالهه ڪئي.










