اسلام آباد(بيورو)ملڪ ۾ مون سون برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 57 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ 38 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ 17 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون، ان کان علاوه ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ هڪ هڪ فوتگي ٿي.اين ڊي ايم اي موجب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 57 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ فوتين جو انگ 1265 ٿي ويو آهي، جڏهن ته زخمين جو ڪل انگ 7683 تائين پهچي ويو آهي.اين ڊي ايم اي موجب برساتن ۽ ٻوڏ سبب 24 ڪلاڪن دوران 22 مرد، 18 عورتون ۽ 17 ٻار فوت ٿي ويا آهن.نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي صوبن موجب انگن اکرن کي جاري ڪندي چيو ته سنڌ صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب 470 ڄڻا فوت ۽ 7204 زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ فوتين جو انگ 285 آهي.










