ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ برسات ۽ برفباري آڻيندڙ مغربي نظام داخل ٿي ويو آهي.الهندي سسٽم تحت اتر اوڀر، اولهه ۽ بلوچستان جي ساحلي علائقن ۾ تيز برسات پئي.انتظاميا پاران ٻڌايو ويو آهي ته چمن، پشين، قلعه عبدالله، نوشڪي، دالبندين ۽ خاران ۾ گجگوڙ سان برسات پئي. بلوچستان ۾ برسات ۽ برفباري آڻيندڙ مغربي نظام داخل ٿي ويو آهي.الهندي سسٽم تحت اتر اوڀر، اولهه ۽ بلوچستان جي ساحلي علائقن ۾ تيز برسات پئي.انتظاميا پاران ٻڌايو ويو آهي ته چمن، پشين، قلعه عبدالله، نوشڪي، دالبندين ۽ خاران ۾ گجگوڙ سان برسات پئي.ان کان علاوه تربت، پسني ۽ مري سميت ساحلي علائقن ۾ تيز برسات ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ به تيز هوائن سان گڏ برسات پئي.هوڏانهن ان سسٽم سبب وادي زيارت، ڪن مهترزئي، طوبا اچڪزئي ۾ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي.انتظاميا موجب بلوچستان ۾ برساتن ۽ برفباري سبب معمول جي زندگي متاثر ٿي وئي آهي.ٻئي طرف ڪراچي ۾ به ٿڌي هوائن جو زور وڌي ويو آهي.










