برسات وسائيندڙ هڪ ٻيو سسٽم 16 آگسٽ تي سنڌ ۾ داخل ٿيندو: موسميات کاتو

برسات وسائيندڙ هڪ ٻيو سسٽم 16 آگسٽ تي سنڌ ۾ داخل ٿيندو: موسميات کاتو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته موسميات کاتي وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته اڱاري جي رات شهيد بينظير آباد، نوشهري فيروز، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، دادو، ڄامشوري، قمبر – شهدادڪوٽ، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار، حيدرآباد، مٽياري، ٺٽي، سجاول ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ ڪجهه هنڌن تي کنوڻ ۽ گجگوڙ سان تيز، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ به ان دوران هلڪو ۽ تيز مينهن وسي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب هوا جو گهٽ دٻاءُ 16 آگسٽ کان سنڌ ۾ داخل ٿيندو، جنهن جي نتيجي ۾ اڱاري کان سنڌ ۾ وڌيڪ برساتون پونديون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي انهن ضلعن ۾ 16 کان 18 آگسٽ دوران برساتن جو سلسلو وسيع ۽ وڌيڪ شديد ٿي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب تيز برساتن جي نتيجي ۾ جن ضلعن جي هيٺين علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي سگهي ٿو، انهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، بدين، ٺٽو، سجاول، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، دادو، نوشهرو فيروز، ڄامشورو، قمبر- شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو ۽ سکر شامل آهن. وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته بلوچستان جي ضلعن خضدار، لسٻيلي ۽ حب ۾ مسلسل تيز برساتن سان حب ڊيم، ٿڌو ڊيم ۽ ندي نالن تي واڌو دٻاءُ پيدا ٿي سگهي ٿو. موسميات کاتي مهاڻن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته سمنڊ ۾ ٻوڏ جي صورتحال ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري اوڏانهن وڃڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو