نئون ديرو (ن س)سياسي مخالفت سبب نئون ديرو ڀرسان برسات متاثر ڳوٺ مڪمل طور نظر انداز، خيما نه راشن مليو متاثرن کي تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميه نظر انداز ڪري ڇڏيو، يوسي پيربخش ڀٽو جي ڳوٺ وسايو جيهو جي برسات ٻوڏ متاثرن کي سياسي مخالفت سبب بي يارو مددگار ڇڏيو ويو، ڳوٺاڻن جو ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ اي سي رتوديرو خلاف احتجاجي مظاهرو، 12 يوسين مان 11 يوسين کي سڀ ڪجھ ڏنو ٿو وڃي صرف يوسي پيربخش ڀٽو جي متاثرن کي هن وقت تائين ڪجھ به مليو، پي ٽي آء وائيس چيئرمين ذوهيب احمد ابڙو جو الزام ،رپورٽ موجب نئون ديرو جي يوسي پير بخش ڀٽو جي ڳوٺ وسايو جيهو جي سوين برسات ٻوڏ متاثرن جي ڪا به واهر نه ٿي، يوسي وائيس چيئرمين ذوهيب احمد ابڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو جنهن ۾ فضل الرحمٰن ڀٽي، عاشق علي جيهو، محبوب علي ڀٽي، احمد علي، ڌڻي بخش، زاهد علي سميت سوين متاثرن شرڪت ڪئي، انهي موقعي تي وائيس چيئرمين ذوهيب احمد ابڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو الزام هنيو ته رتوديرو تعلقي جا 12 يوسيون آھن جنهن ۾ 11 يوسين جي متاثرن جي مدد ڪئي وئي پر يوسي پيربخش ڀٽو جي متاثر برسات ٻوڏ متاثرن کي سياسي مخالفت جي ڪري تڪ جي چونڊيل ايم اين اي، ايم پي اي ۽ انهن جي سرڪاري انتظاميه مڪمل نظر انداز ڪري ڇڏيو هنن کي هن وقت تائين نه راشن نه خيما ڏنا ويا آھن جيڪي بي يارو مددگار ويٺل آھن، هن يوسي جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين کي ڪجھ نه ڏنو ويو آھي، جمهوريت ۽ بنا فرق جي عوام جي خدمت جون داوائون ڪندڙن جي انصاف جو ٻٽو معيار ڏسو جن متاثرن کي نظر انداز ڪيو آھي، خدارا سياسي مخالفت پنهنجي جاء تي پر هن وقت بنا ڪنهن فرق جي متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي.










