برسات متاثرين پاران حيدرآباد بدين روڊ تي ضلعي انتظاميه خلاف احتجاجي ڌرڻو

برسات متاثرين پاران حيدرآباد بدين روڊ تي ضلعي انتظاميه خلاف احتجاجي ڌرڻو

ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)ٽنڊومحمدخان ۾ برسات متاثرين پاران حيدرآباد بدين روڊ تي ضلعي انتظاميه خلاف احتجاجي ڌرڻو ، سخت نعريبازي ، خبر موجب ٽنڊو محمد خان جي سوين برسات متاثرين ماڻهن سماجي اڳواڻ رضيه سهتو ، ايس اين پي جي ضلعي صدر دودو هاليپوٽو ، جيئي سنڌ محاذ جو ضلعي صدر زاهد جسڪاڻي ، افشان خاصخيلي ، جيئي سنڌ قومي محاذ جي جاويد هاليپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد بدين روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هڻي ضلعي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي ، ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي هنن چيو ته ٽنڊو محمد خان ضلعو آفتزده قرار ڏيڻ باوجود برسات متاثرين جي ضلعي انتظاميه يا چونڊيل نمائندن ڪا به پرگهور نه لڌي آهي ، برساتي پاڻي 5 کان 7 فٽن تائين اڃان تائين ٽنڊومحمدخان جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ بيٺل آهي ، هنن چيو ته ماڻهو پنهنجي گهرن کان ٻاهر نه پيا نڪري سگهن ، ضلعي انتظاميه برسات متاثرين جي لاءِ آيل سرڪاري امدادي سامان پنهنجي من پسند پ پ جي اڳواڻن کي ڏيئي رهي آهي ، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ٽنڊو محمد خان جو دورو ڪري ويو آهي پر اڃان تائين برساتي پاڻي انتظاميه نيڪال ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويئي آهي ، هنن چيو ته سماجي تنظيمون پنهنجي مدد پاڻ تحت جيڪي ماڻهو ڪئمپن ۾ ويٺل آهن انهن کي کاڌ خوراڪ ڏين پيا پر کٽون ، بسترا ٽينٽ وڏي مقدار ۾ انتظاميه کي مليل آهن پر خبر ناهي اهي ڪٿي گم ڪيا ويا آهن ، ڌرڻي دوران اي ڊي اي انور ميمڻ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر آفتاب بوزدار ۽ ٻين برسات جي متاثرين سان ڳالهيون ڪري کين يقين ڏياريو ته سندن مسئلو حل ڪيو ويندو ، جنهن کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪري روڊ کوليو ويو .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو