ٺٽو(ن سنڌيار) ضلعي ٺٽي جي برسات متاثرين جي واھر نہ ٿي، کين امداد نہ ملڻ خلاف مڪلي، ڇتوچنڊ ۽ سونڊا ۾ الڳ الڳ احتجاجي مظاھرا ڪري روڊ تي ڌرڻا ھڻي سخت نعريبازي ڪري ٽرئفڪ معطل ڪندي امداد ڏيڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي مڪلي تي رھندڙ سوين برسات متاثرين سول اسپتال مڪلي جي گيٽ آڏو ٺٽو/ڪراچي قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻڻ سان گڏ ٻين برسات متاثرين پاران چتوچنڊ ۽ سونڊا ۾ ٺٽو/حيدراباد قومي شاھراھ تي رڪاوٽون وجھي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪندي برسات متاثرين چيو تہ کين ڪافي ڏينھن گذري ويا آھن، پر ضلعي انتظاميہ رڳو کين سکڻا ڏٽا ڏيئي رھي آھي، پر اڃان تائين کين امداد ملي ناھي سگھي نہ ئي کين تنبو، راشن توڙي مڇردانيون ملي سگھيون آھن، روزگار نہ ملڻ ڪري سندن ٻچا لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آھن، ھنن گھر ڪئي تہ کين راشن، تنبو، مڇردانيون، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت رليف مھيا ڪري سندن ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرائي کين پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ امداد ملڻ تائين سندن پرامن احتجاج جاري رھندو، روڊ بند ٿيڻ ڪري سوين گاڏيون روڊ جي ٻنھي پاسن کان بيھجي ويون، جنھن ڪري مسافر سخت پريشان ٿيندا رھيا، پر ضلعي انتظاميہ ٺٽو احتجاج ڪندڙن ڏانھن ڪوبہ ڌيان ناھي ڏنو، جنھن ڪري کليل اسمان ھيٺ ويٺل برسات متاثرين سخت پريشاني جو شڪار بڻجي احتجاج ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن، ھنن سنڌ سرڪار، ضلعي انتظاميہ ۽ چونڊيل نمائندن کان واھر جي اپيل ڪئي آھي.










