برسات جي تباهي، تڪ جي چونڊيل نمائندي جي آمد، ڳوٺاڻن جو احتجاج

برسات جي تباهي، تڪ جي چونڊيل نمائندي جي آمد، ڳوٺاڻن جو احتجاج

پنوعاقل(ن سنڌيار)پوري سنڌ جيان مسلسل پوندڙ چوماسي برساتن تعلقه پنوعاقل جي يونين ڪائونسل کي مسلسل برساتن کانپوءِ سم نالي ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا تڪ جو ايم پي اي پندرهن ڏينهن کانپوءِ اڄ خالي هٿين يوسي نارو همٿر پهتو عوام پاران گاڏي روڪي شڪايتن جا امبار لڳائي ڇڏيا برسات راشن، خيما کاڌ خوراڪ ختم ٿي وڃڻ جون شڪايتون ايم پي اي اڪرام جا خالي دلاسا تعلقي ۾ تباھي مچائي ڇڏي شھر توڙي ٻھراڙيءَ جا علائقا پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا ڪيترن ئي پورھيتن جا گھر ڪري پيا هزارين ايڪڙن تي بيٺل ڪپھ ۽ ٻيا فصل مڪمل تباھ آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ لاڳيتو برساتون پوڻ سبب تعلقي پنوعاقل جا رھواسي سخت پريشان ڪيترن ئي پورھيتن جا گھر ڪري پٽ متاثر کلي آسمان هيٺ ويٺل جڏھن ته ڪافي ھيٺائين علائقن ڳوٺ غلام محمد ملاڻو، وزير ملاڻو، ميل مهر، مسري انڍڙ ،ڳوٺ فيض محمد مهر، ڳوٺ ڪريم بخش تڙت، ڳوٺ سومر فقير ناريجو ،ڳوٺ جيئند ناريجو ،ڳوٺ رستم انڍڙ سميت يوسي نارو همٿر جي علائقن۾ ٻوڏ جا منظر ھلندڙ برساتن سبب ڪچا توڙي پڪا گهر ڪري پٽ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل مڪمل تباھ آبادگارن جو لکين رپين جو نقصان برسات نہ بيھڻ ڪري بجلي جو نظام درھم برھم اڪثر هيٺائين وارن علائقن ۾ ماڻھن جو شھر ڏانھن رابطو ڪٽيل ٻھراڙيءَ جا اڪثر علائقا سم نالو ڪارو ناري جو ٽٽڻ ڪري پاڻي جو نيڪال نه ٿي سگھيو نيڪال ٿيڻ جي بجاءِ ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا رھواسي کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا هن وقت تائين ڪوبه چونڊيل نمائندو يا ضلعي توڙي تعلقا انتظاميا جو عملدار لڙي نه آيو متاثرن جون سوين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا هزارين ماڻھون بي گهر کاڌ خوراڪ جون شيون ختم وسندڙ برسات ۾ وڻن ۽ کليل آسمان هيٺ ويٺل ماڻھن جون زندگيون خطري ۾ ٻئي طرف مسلسل برساتن کانپوء سم نالو اوور ٽاپ وهي اچڻَ ڪري علائقي واسين وڌيڪ لوڙهي ڇڏيو تڪليفن ۾ ويتر اضافو ٿي ويو بي سهارا بڻيل ماڻھن جي لاء امدادي سرگرمين لاء سرڪار کي برسات بيهڻ ۽ رستا بحال ٿيڻ جو انتظار جڏھن ته متاثر علائقن ۾ فوري طور امدادي راشن ۽ خيما نه پهچڻَ ڪري ماڻھن جو زندگيون داءُ تي لڳل آهن سنڌ سرڪار تڪ جي ايم پي اي ڄام اڪرام کي فوري طور يوسي تحت امدادي ڪاروائيون شروع ڪري متاثرن جون زندگيون بچائي علائقي واسي کليل آسمان هيٺ بي يارومددگار ويٺل آھن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو