برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو،بجلي ڪٽيل، احتجاجي ريلي، ڌرڻو

برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو،بجلي ڪٽيل، احتجاجي ريلي، ڌرڻو

دڙو (ن سنڌيار) ٻنون شھر مان برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ، 8 سالن کان بجلي ڪٽيل ھئڻ سميت ٻيا ترقياتي ڪم نہ ٿيڻ خلاف ٻنون جو شعور رستن تي اچي ويو، ايڪشن ڪميٽي طرفان ٻنون جي تاريخ جي سڀ کان وڏي احتجاجي ريلي، ڌرڻو، ڪيترائي ڪلاڪ ٻنون حيدرآباد روڊ بند، ٻنون ۾ ايس ٽي پي، جسقم، قومي عوامي تحريڪ، جي يو آئي، گسٽا، پ ٽ الف ۽ ٻين تنظيمن تي جوڙيل ٻنون ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن عبدالڪريم پليجو، سرفراز سومرو، راجا ھمير سومرو، ذين سومرو، عبدالرحيم قاضي، منور شورو، غلام عباس پليجو، رياض پليجو، عبدالقادر سومرو، ڪامريڊ غني پليجو، ڪامريڊ عزيز سومرو، سرفراز پليجو، امين عباسي، مشتاق سومرو، نياز سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن عورتن ۽ ٻارڙن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ مختلف پارٽين جا جھنڊا کڻي پريس ڪلب کان بند اسٽاپ تائين احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ ھتان جي سياسي وڏيرن ۽ ڀوتارن ھٿ وٺي ٻنون شھر ھڪ سوُ سال پوئين دوُر ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي، 8 سالن کان ٻنون شھر جي بجلي ڪٽيل آھي، ھنن چيو تہ يونين ڪائونسل ٻنون ۾ ھر مھيني لکين روپيا جي سياسي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي، جنھن سبب سڄو شھر اڃا تائين برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھي، شھر جون گھٽيون ۽ محلا گند ڪچري سان ڀريل آھن، ھن سنڌ حڪومت توڙي سجاول جي ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو تہ فوري طور تي ٻنون شھر جا بنيادي مسئلا حل ڪري عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ سياسي ڀوتارن جو گھيراء ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو